اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف گذريل ٽن ڏهاڪن کان ملڪي سياست ۾ سرگرم عمل آهي ۽ منهنجي خيال ۾ پاڪستاني سياست جي تاريخ جو هو پهريون چونڊيل وزيراعظم آهي جيڪو هر آز??ائش جي گهڙيءَ ۾ قوم جي اميدن تي پورو لٿو آهي، ڀلي اهو ڪشمير، ائٽمي ڌماڪا يا ڀارت س??ن لاڳاپن جو مسئلو هجي ته انهن سمورن معاملن ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف و??ي ڏاهپ جو ثبوت ڏنو آهي. پاڪستان ٽيليويزن جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن وزيراعظم محمد نواز شريف گڏيل قومن ۾ ويو ته ڀارت ۽ ڪشمير مسئلي جي حوالي سان مٿس تنقيد ٿيندي رهي پر هن پنهنجي مٿان ٿيندڙ تنقيد جو جواب پنهنجي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي خطاب دوران اهڙي بهترين ۽ موثر انداز ۾ ڏنو جو سندس ملڪ سان حقيقي محبت ۽ ان جي ڏاهپ کي واضح ڪري ٿو.
وزيراعظم آزمائش جي هر گهڙيءَ تي پورو لٿو آهي: مسعود ملڪ
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس