اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ ڪالهه اربع ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ لائين آف ڪنٽرول جي صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ ڀارت پاران اشتعال انگيز ف??ئرنگ ۽ گولاباري جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. ڪابينا عوامي نمائندن ۽ عوامي عهديدارن جي ??گه??رن ۾ اضافي جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات، نشريا?? ۽ ??ومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ڪابينا سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي ??سپيڪر، پارليامينٽ ميمبرن، وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جي ??گه??رن ۾ اضافي جي منظوري ڏني آهي، اهو معاملو 13، 14 سالن کان التوا ۾ پيل هو، عوامي نمائندن ۽ عوامي عهدو رکندڙن جون بنيادي ??گه??رون صوبائي نمائندن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هيون.
اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير پاران وفاقي ڪابينا جي اجلاس بابت بريفنگ
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس