اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو آڻي ان کي امن جو گهوارو بڻائينداسين، ان سلسلي ۾ سڀ کان اهم ڪردار اديبن، شاعرن ۽ اهل علم ۽ دانشورن جو آ??ي، آپريشن ضرب عضب سان گڏوگڏ آپريشن ضرب قلم جي پڻ سخت ضرورت آهي. هو اڪادمي ادبيات پاڪستان جي اهتمام هيٺ چوٿين عالمي اهل قلم ڪانف??نس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم جو قومي ۽ ثقافتي وارو صلاحڪار عرفان صديقي پڻ موجود هو. وزيراعظم چيو ته کيس اهل علم ۽ دانشورن جي خوبصورت ڪانف??نس ۾ شرڪت تي خوشي آ??ي، اهل قلم ڪنهن به معاشري جو سڀ کان قيمتي اثاثو هوندا آهن.
مضمون کا ماخذ : loteria estadual