رياض _ 8 مئي (اي پي پي ) سعودي عرب جي ٽرانسپورٽ واري وزارت چيو آهي ت?? حج سيزن 2024 ع لاءِ تياريون مڪمل آهن . حج پانڌيئڙا 7 هزار 700 اڏامن کان علاوه بري ۽ بحري رستن کان مملڪت پهچندا . ايس پي اي مطابق سعودي س??ل ايوي ايشن جنرل اٿارٽي ٻڌايو ته هن سال مملڪت جي 6 ايئرپورٽس تي حج پانڌيئڙن جي استقبال جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن . حاجين جي آمد ۽ کين رهائش ت??ئين پهچائڻ لاءِ تياريون مڪمل آهن . جنرل ٽرانسپورٽ اٿارٽي پڻ حج سيزن لاءِ تيارين جو اعلان ڪيو آهي .اٿارٽي جو چوڻ آهي ت?? 7 هزار کان وڌيڪ بسون ۽ 5 هزار ٽيڪسيون حاجين جي اچ وڃ لاءِ مقرر آهن . ان کان علاوه 18 پبلڪ ٽرانسپورٽ روٽس جي نشاندهي ڪئي وئي آهي . اٿارٽي جو چوڻ آهي ت?? ٽرانسپورٽ لائيسنس يافته ڪمپنين حاجين جي س??ولت ۽ حفاظت جا بهترين انتظام ڪيا آهن ، اٿارٽي حج سيزن دوران ٽرانسپورٽ سهولتن جي نگراني لاءِ ايپلي ڪيشن ذريعي به ڪندي .
سعودي عرب جي ٽرانسپورٽ واري وزارت حج آپريشن جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر