رياض-06 آگسٽ (اي پي پي ) عرب ليگ جي ??يڪريٽري جنرل احمد ابو الغيث ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان ف??دان سان ملاقات ۾ غزه بحران تي ڳالهيون ڪيون. اردو نيوز موجب سيڪريٽري جنرل جي ??رجمان جمال رشدي ٻڌايو ته ملاقات ۾ علائقائي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .ملاقات دوران عرب ليگ جي ??يڪريٽري جنرل احمد ابو الغيث خبردار ڪيو ته اسرائيل جي هاڻوڪن قدمن سان خطي کي سنگين خطرا درپيش آهن. ملاقات ۾ سياسي، اقتصادي ۽ ٻين معاملن ۾ عرب ليگ ۽ ترڪيه وچ ۾ لاڳاپن کي اڳيان وڌائڻ جي ??ريقن جو به جا??زو ورتو ويو. ان موقعي تي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملا خاص طور تي غزه ۾ جا??ي اسرائيلي جا??حي?? دوران ف??سطيني ڪاز جي ??والي سان اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيڪريٽري جنرل عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها فلسطين جي ??وام خاص ڪري غزه جي ??هرين جي ??حفظ جي ??رورت تي زور ڀري، جيڪي اسرائيلي حملن سبب روزانو مشڪلاتن جو شڪار آهن . هن ف??ري جنگبندي، فوري امداد جي فراهمي ۽ ٻه رياستي حل تي عمل لاءِ اعتماد جوڳو رستو ڪڍڻ لاءِ به زور ڀريو. عرب ليگ جي ??يڪريٽري جنرل فلسطينين جي ??مايت ۾ عالمي فورم ۾ ترڪيه جي ??صولي ۽ چٽي موقف جي ??عريف ڪئي. ڌرين شام، ليبيا ۽ سوڊان جي ??ازي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي
عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير وچ ۾ ملاقات، غزه بحران تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena