لاهور – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته گذريل ٽن سالن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ق??مي معيشت کي صحيح رخ تي گامزن ڪيو، اڄ جو پاڪستان معاشي طور تي مضبوط ۽ 2013ع کان وڌيڪ محفوظ آهي، سي پيڪ تحت بلوچستان، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ مختلف ترقياتي منصوبن تي ڪم تيزي سان جاري آهي. گورنر ه??ئوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته قومي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي ۽ اڄ جو پاڪستان معاشي طور تي وڌيڪ مضبوط ۽ 2013ع کان وڌيڪ محفوظ آهي. اجلاس ۾ پنجاب جي گورنر رفيق رجوانه، پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف، ن??ڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، و??پار واري وفاقي وزير خرم دستگير خان، ن??ليوارن ڪاروباري شخصيتن ۽ لاڳاپيل ادا??ن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.
حڪومت قومي معيشت کي صحيح رخ تي گامزن ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز