ڪراچي– 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي مشير سرتاج عزيز چيو آه?? ته آمريڪا سان پائيدار لاڳاپن جا خو??هشمند آه??ون،هندستان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آه?? ته ڪشمير جي مسئلي تان عالمي سطح تي ڌيان هٽايو وڃي،حافظ سعيد کي نيشنل ايڪشن پلان تحت نظربند ڪيو ويو آه??. انهن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان پهريون رابطو انتهائي خو??گوار رهيو،اسان جا ۽ آمريڪا جا ڪجهه گڏيل مقصد آه?? جنهن ۾ افغانستان جي صورتحال،دهشت ??رد?? جو خاتمو ۽ واپار و??ائڻ سرفهرست آه??. هن چيو ته نئين آمريڪي انتظاميه سان سٺن ۽ پائيدار لاڳاپن جا خو??هشمند آه??ون. هن چيو ته هندستان پوري ڪوشش ڪري رهيو آه?? ته ڪشمير مسئلي تان دنيا جو ڌيان هٽايو وڃي ۽ پاڪستان تي ڪوڙا الزام هنيا وڃن.
آمريڪا سان پائيدار لاڳاپن جا خواهشمند آهيون: سرتاج عزيز
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری