ڪراچي – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چي?? آهي ته ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جمهوريت ضروري آهي، حڪ??مت نه رڳو 10 هزا?? ميگاواٽ توانائي جا منصوبا شروع ڪيا پر انهن کي وقت سر مڪمل ڪيو، توانائي جي ڪيترائي منصوبا پڄاڻي جي ويجه?? آهن، هاڻي بجلي وڏي مقدار ۾ ملي رهي آهي، حڪ??مت اهم قدم کڻندي گئس بحران تي ضابطو آندو، آمريت عوام کي ڊليور ڪرڻ ۾ سدائين ناڪام رهي ۽ آمراڻا دور ڪڏهن به ملڪ جي مستقبل جي مفاد ۾ ناهن رهيا. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان انٽرنيشنل بلڪ ٽرمينل لميٽيڊ (پي آءِ بي ٽي) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پي آءِ بي ٽي ملڪ جو ڪوئلي، ڪلنڪر ۽ سيمينٽ جي چرپر لاءِ پهرين ٽرمينل آهي جيڪو پورٽ قاسم تي تعمير ڪ??و وي?? آهي جنهن تي 285 ملين ڊالر جي لاڳت آئي آهي ۽ هيستائي?? ڪوئلي جا 12 بحري جهاز لنگر انداز ٿي چڪا آهن. وزيراعظم جمهوريت جي حل ۾ فيصلو ڏيڻ تي پاڪستاني عوام کي ڪريڊٽ ڏيندي چيو ته ترقي جي سفر لاءِ جمهوري عمل جو تسلسل ضروري آهي.
ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جمهوريت ضروري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر