اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وف??قي ڪابينا گوادر ۾ ريفائنري قائم ڪرڻ جي لاءِ سعودي عرب سان مف??همت جي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ، اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار طر??ان ڪيل غير قانوني ڀرتين تي مختلف ادارن جي سربراهن کي برطرف ڪرڻ ۽ چئني صوبن ۾ 2467 سرڪاري ملڪيتن کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته وزيراعظم هائوس ۾ سينٽر آف ايڪسيلينس قائم ڪرڻ جي لاءِ چارٽرڊ به ڪابينا جي سامهون پيش ڪيو ويو ۽ ان سلسلي ۾ تعليم واري وف??قي وزير شفقت محمود جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي وئي، نيلم جهلم هائيڊرو پراجيڪٽ، نيو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ اسٽيل مل جي منصوبن جو فرانزنڪ آڊٽ ڪرايو ويندو، ترڪي اسلام آباد ۾ هاسپيٽلٽي ڪاليج قائم ڪندو، اهو پاڪستان جي عوام لاءِ ترڪي طر??ان تحفو آهي، وزيراعظم عمران خان جلد هڪ وڏي هائوسنگ منصوبي جو اعلان ڪندو، اطلاعات ۽ نشريات جو وف??قي وزير چوڌري فواد حسين پيٽروليم، قدرتي وسيلن جو وف??قي وزير سرور خان سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وف??قي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو، اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته وف??قي ڪابينا اسحاق ڊار طر??ان ڀرتي ڪيل نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي چيئرمين سعيد احمد، فرسٽ وومين بئنڪ جي طاهره رضا، زرعي ترقياتي بئنڪ جي سعيد طلعت حسين، ايس ايم اي بئنڪ جي احسان الحق، ريگوليٽري اٿارٽيز ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر جميل احمد، اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر شمس الرحمان، خواجه خليل، ڪانمپيٽيشن ڪائونسل آف پاڪستان ۾ محمد سليم، شهزاد عن??ر کي عهدن تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي اهي سڀ مقرريون غير قانوني هيون.
وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس، چوڌري فواد حسين جي ميڊيا کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن