اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ?? سيڙپڪاري جي 20 ارب ڊالر ماليت جي 7 معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، صحيحن واري تقريب وزيراعظم هائوس ۾ ٿي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اسٽينڊرڊائيزيشن جي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. سعودي عرب جي واپار وار?? وزير ڊاڪٽر ماجد القاسمي ۽ پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي معاهدي تي صحيحون ڪيون. راندين جي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي تي سعودي عرب جي پرڏيه?? وزير عادل الجبير ۽ بين الصوبائي رابطن، نوجوان ۽ راندين جي معاملن واري وفاق?? وزير ڊاڪٽر فهميده مر??ا صحيحون ڪيون.
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ