مڪو ش??يف- 28 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزير ۽ سپريم حج ڪميٽي جي سربراهه شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف هلندڙ سال حج س??زن دوران سيڪيورٽي ۽ فوجي عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. عرب نيوز موجب مڪي ۾ حج س??ڪيورٽي ڪميٽي ۽ حج س??ڪيورٽي فورسز جي اڳواڻن سان ملاقات دوران شهزاد عبدلعزيز چيو ته سيڪيورٽي پلان جا لاڳو ڪيل مرحلا ڪامياب رهيا آهن ۽ حج پانڌيئڙن کي مڪي تائين پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پيو آهي. هن وزارت جي سيڪيورٽي عملدارن ۽ نيشنل گارڊ واري وزا??ت، دفاع واري وزا??ت، جنرل انٽيليجنس پريذيڊنسي ۽ پريذيڊنسي آف اسٽيٽ سيڪيورٽي جي فوجي عملدارن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته سيڪيورٽي جون ڪوششون ان وقت تائين جاري رهنديون جيستائين حج پانڌيئڙا آساني ۽ سڪون سان پنهنجون رسمون ادا ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي وطن واپس نٿا هليا وڃن. پبلڪ سيڪيورٽي جي ڊائريڪٽر ۽ حج س??ڪيورٽي ڪميٽي جي سربراهه جنرل محمد البسامي حج س??ڪيورٽي پلان جي نتيجن جي باري ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته هن حج س??زن ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن سيڪيورٽي ۽ عسڪري عملدار سيڪيورٽي پلان جي باقي مرحلن تي عملدرآمد لاءِ تيار آهن. اهڙي طرح حاجي سڳورن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻايو ويندو.
حج سيزن دوران سيڪيورٽي ۽ فوجي عملدارن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن: سعودي گهرو وزير
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر