تهران -07 نومبر (اي پي پي) ايران غزه تي ايٽمي بم ڪيرائڻ بابت اسرائيل جي ثقافت واري وزير جي بيانن بعد گڏيل قومن کان فوري طور تي اسرائيل خلاف ڪارروائي ڪرڻ تي زور ڀريو آه??. سعودي خابرو اداري مطابق ايران جي پرڏيهي وزير حسن امير عبداللهيان گذريل ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي کان مطالبو ??يو ??هي?? ته اهي اسرائيل کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻن. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي کي ان نسل پرست ۽ وحشي حڪومت کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ فوري ۽ مستقل ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن آمريڪا کي غزه ۾ نسل ڪشي جو مڪمل ذميوار قرار ڏنو. جيستائين اسرائيل جي وزير جو غزه تي ايٽم بم ڪيرائڻ واري ڌمڪي جو تعلق آه??. هن فلسطيني ڌڙن جي حوالي سان چيو ته اهي بيان مزاحمت آڏو سندن حڪومت جي حقيقي شڪست کي ظاهر ڪن ٿا. هوڏانهن ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان عالمي برادري کان مطالبو ??يو ??هي?? ته اها اسرائيل کان خطرناڪ ايٽمي خطري کي نظر ۾ رکن. هن ان خطري جي حوالي سان ايٽمي هٿيارن جي استعمال تي پابندي بابت اولهه جي ملڪن جي خاموشي تي تنقيد ڪندي چيو ته اها ب??قسمتي جي ڳالهه آه?? ته اولهه جا دعويدار سالن کان خيالي ۽ ڪوڙي خطري سان وڙهي رهيا آه??. پر کين اصل خطرو نظر اچي رهيو آه?? ۽ هاڻي تائين انهن پاران ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.
اسرائيل طرفان ايٽمي حملي جي ڌمڪي، گڏيل قومون ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي اسرائيل خلاف ڪارروائي ڪن: ايران
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا