برلن- 15 ڊسمبر (اي پي پي) سوئٽزرلينڊ جي پارليمنٽ جي مٿين ايوان غزه ۾ امدادي ڪم ڪندڙ گڏيل قومن ج?? ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي(يو اين آر ڊبليو اي) جو امدادي فنڊ بحال ڪري ڇڏيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب سوئٽزرلينڊ جي نيشنل ڪونسل جي هيٺين ايوان فيڊرل اسيمبلي هڪ بل منظور ڪندي يو اين آر ڊبليو اي کي ڏني ويندڙ رقم 23 ملين ??الر روڪي ڇڏي هئي،اهو فيصلو 78 جي ڀيٽ ۾ 116 ووٽن سان ڪيو ويو،بعد ۾ ان فيصلي تي رد عمل ڏسڻ آيو ۽ ڊونرز ادارن ان فيصلي تي تنقيد ڪئي جنهن کان پوءِ سوئٽزرلينڊ جي نيشنل ڪونسل جي مٿين ايوان 21 ووٽن ج?? ڀيٽ ۾ 23 ووٽن س??ن يو اين آر ڊبليو اي جا فنڊ بحال ڪيا. يو اين آر ڊبليو اي جي سربراه لازاريني چيو آهي ته اها اهم اڳڀرائي آهي سوئٽزرلينڊ فلسطينين ۽ پوري خطي جي بي گهر ماڻهن لاءِ امداد روڪڻ جو فيصلو واپس ورتو، غزه پٽي تي امدادي سامان ج?? فراهمي جاري رکڻ ۽ زندگيون بچائڻ لا ءِ 20 ملين ??الر اهم آهن، هن چيو ته فنڊز کي روڪڻ س??ن يو اين آر ڊبليو جي ڪارڪردگي متاثر ٿي آهي.
سوئٽزرلينڊ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي جو امدادي فنڊ بحال ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری