گڏيل قومون -13 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش افغانستان ۾ ٻوڏ سبب فوت ٿيلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آه??. سيڪريٽري جنرل جي ترجمان بيان ۾ چيو ته گڏيل قومون ۽ افغانستان ۾ سندن شراڪتدار فوري طور تي ضرورتن جو جائزو وٺڻ ۽ هنگامي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ افغان اختيارين سان رابطو ڪري رهيا آه??. هن زخمين ج?? جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته انساني همدردي جي بنياد تي ڪم ڪندڙ ادارن جي ڪارڪنن اتر اوڀر افغانستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر خاندانن جي امداد لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آه??. هوڏانهن گڏيل قومن جي مختلف ادارن مط??بق افغانستان جي اتر اوڀر علائقن ۾ برساتن سبب ٻوڏ سان مبينه طور تي 300 ماڻهو فوت ٿي چڪا آه?? جن ۾ 51 ٻار به شامل آه?? ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آه??. وڌيڪ ر??ور??ون اچڻ کان پوءِ انهن ۾ واڌ جو خدشو آه??. يونيسيف مط??بق ٻوڏ سبب تخار ۽ بدخشان صوبا به متاثر ٿيا آه?? جتي 300 گهرن کي نقصان پهتو آه??. افغانستان ۾ يونيسيف جي نمائندي ڊاڪٽر تاج الدين اوئيوا گذريل ڏينهن ڏکويل خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته يونيسيف ۽ اسان جا شراڪتدار متاثر خاندانن کي فوري امداد پهچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آه?? هوڏانهن يونيسيف 450 فيملي ڪٽس، 500 صحت سان لاڳاپيل ڪٽس، 476 ڪمبل جڏهن ته ٻين ايجنسين ۽ شراڪتدارن جي سهڪار سان ڪپڙن جون 100 ڪٽس موڪليون ويون آه??.
انساني همدردي جون ٽيمون افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرن کي امداد فراهم ڪري رهيون آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena