رياض-22 مئي (اي پي پي ) سعودي عرب جي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان ۽ جاپان جي وزيراعظم ڪيشيدا فوميو وڊيو سربراهي اجلاس ۾ خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي عرب نيوز موجب جاپاني وزيراعظم شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهش جو اظهار ڪيو شهزادو محمد بن سلمان جاپاني وزيراعظم پاران ان جو شڪريو ادا ڪيو ولي عهد جاپان سان ت??لق کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ جلد جاپان جو دورو ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو جاپاني پرڏيهي وزير موجب جاپاني وزيراعظم جو چوڻ هيو ته جاپان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سٽراٽيجڪ شراڪت داري کي مضبوط بنائڻ جو خواهشمند آهي. ان وڊيو سربراهي اجلاس ۾ ٻه طرفه مثالي تعلق ۽ مختلف شعبن ۾ سه??ار کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي علاقائي ۽ عالمي معاملن ۽ باهيم دلچسپي جي معاملن تي به خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ان کانسواءِ جاپاني وزيراعظم ولي عهد سان اسرائيلي حملن کي روڪڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جي به حمايت ڪئي جاپاني وزيراعظم ٻنهي برادر ملڪن جي وچ ۾ 70 س??لن جي تعلق کي ساراهيو ۽ زور ڏنو ته مملڪت سان سه??ار خطي جي استحڪام لاءِ انتهائي اهم آهي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ نمائش جي انعقاد ۽ ثقافتي سه??ار تي به ڳالهايو ان موقعي تي سعودي جاپاني گڏيل ڪونسل جو به اعلان ڪيو ويو وزيراعظم جاپان کي خام تيل جي مستقل فراهمي تي به مملڪت جو شڪريو ادا ڪيو مملڪت پاران تيل جي عالمي مارڪيٽ کي مستحڪم ڪرڻ ۽ صاف توانائي مستقل فراهمي لاءِ عالمي سپلائي چين کي برقرار رکڻ لاءِ قائدانه ڪردار کي جاري رکڻ جي اميد ظاهر ڪئي ولي عهد شهزادو بن سلمان مملڪت پاران جاپان کي خام تيل جي فراهمي جاري رکڻ جي عزم جي توثيق ڪندي جاپان سان صاف توانائي جي شعبي سميت ٻين معاملن ۾ ٻه طرفه سه??ار وڌائڻ لاءِ اميد جو اظهار ڪيو جاپاني وزير اعظم کي ايڪسپو 2030 جي ميزباني ملڻ کي ساراهيو ۽ جاپان پاران تفريحي ، سياحي ، تعليمي ۽ اسپورٽس جي شعبن ۾ وڌيڪ سه??ار جاري رکڻ جي اميد ظاهر ڪئي .
سعودي عرب جي ولي عهد ۽ جاپاني وزيراعظم وچ ۾ وڊيو سربراهي اجلاس ، ٻه طرفه تعلق ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار بابت خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا