انقره-06 نومبر (اي پي پي) ترڪيه ??ي حڪمران اي ڪي پا??ٽي (اي ڪي پي) جي اتحادي نيشنلسٽ موومينٽ پا??ٽي (ايم ايڇ پي) جي اڳواڻ دولت ڀوجيلي رجب طيب اردوان جي صدارت جي مدي ۾ واڌ لاءِ آئيني ترميم پيش ڪري ڇڏي. ميڊيا موجب هن ايم ايڇ پي جي قانونسازن سان پا??لياماني تقرير ۾ چيو ته صدر کي 2028ع جي چونڊن ۾ ٻيهر حصو وٺڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ آئيني ترميم تي غور ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن دهشتگردي ۽ مهانگائي جو خاتمو ٿي وڃي ۽ ترڪيه سياسي ۽ اقتصادي استحڪام حاصل ڪري وٺي ته ڇا صدر جي ٻيهر چونڊ فطري ۽ درست نه هوندي. جيڪڏهن 600 سيٽن واري پا??ليامينٽ ۾ 360 قانونساز آئيني ترميم ??ي حمايت ڪن ته ان جي لاءِ ريفرنڊم ڪرائي سگهجي ٿو. وقت سان چونڊن لاءِ 360 پا??ليامينٽ جي ميمبرن ??ي حمايت جي به ضرورت هوندي آهي. اي ڪي پي ۽ ان جي اتحادين جون 321 جڏهن ته ڊي اي ايم جون 57 سيٽون آهن. ياد رهي ته گذريل سال ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ صدر طور اردوان پنهنجو آخري مدو پورو ڪري رهيو آهي، جيستائين آئين موجب پا??ليامينٽ وقت کان اڳ چونڊن جو مطالبو نه ڪري. هن پهرين وزيراعظم ۽ پوءِ صدر ??ي حي??يت سان ترڪيه تي 21 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين حڪومت ڪئي.
رجب طيب اردوان جي صدارتي مدي ۾ واڌ لاءِ آئيني ترميم پيش
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena