اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ورلڊ بئنڪ جي ريج??ل وائيس پريزيڊنٽ انيتي ڊڪسن جي سربراهي ۾ عالمي ب??نڪ جي هڪ وفد ملاقات ڪئي. هتي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پاڇا موٺوايلان گووان، عالمي مالياتي اداري (آءِ ايف سي) جي علائقائي نائب صدر سنيزاناسٽائلي ڪوويڪ ۽ نديم صديقي پڻ انيتي ڊڪسن سان گڏ هئا. پاڻي وسيلن واري وزير سيد جاويد علي شاهه، پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري تهمينه جنجوعه، ناڻي وارو سيڪريٽري عارف احمد خان، پاڻي وسيلن وارو سيڪريٽري شمائل احمد ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پڻ ملاقات دوران موجود هئا. ملاقات دوران ورلڊ بئنڪ جي حصيداري سان شروع ڪيل مختلف ترقياتي منصوبن ۽ ڀارت سان ڪشن گنگا ۽ ريٽل جي منصوبن تي تڪرار پڻ بحث هيٺ آيو.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس