واشنگٽن-05 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان ج?? سفير مسعود خان پاڪستان ۾ آمريڪ?? سفارتي مشنز ۾ مقررين لاءِ چونڊيل امريڪي فارن سروس جي 16 آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان ٻن??ي ملڪن وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ مضبوط اقتصادي لاڳاپا هموار ڪرڻ تي زور ڏنو. پاڪستان?? سفارتخاني مان جاري پريس رليز موجب مسعود خان چي?? ته ٻئي ملڪ پنهنجي پراڻن لاڳاپن ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل آهن. هن فارن سروس انسٽيٽيوٽ ( ايف ايس آءِ) ۾ 32 هفتن جي وقت تي ٻڌل اردو ٻولي جي ڪورس ۽ ثقافت جي تربيت مان گذرندڙ آفيسرن کي چي?? ته اوهان جي ڪوششن سان ٻن??ي ملڪ خاص طور تي پاڪستان ۽ آمريڪا جي عوام کي هڪٻئي جي ويجهو آڻينداسين، پاڪستان?? سفير اردو ۾ ڳالهائيندي آفيسرن تي زور ڀريو ته هو سفارتڪاري ذريعي گڏيل غلط فهمين ۽ بدگمانين کي ختم ڪن، هن چي?? ته ٻئي ملڪ اقتصادي لاڳاپن ۽ سولين شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن چي?? ته پاڪستان وٽ اهڙا بي قدرتي وسيلا، جاگرفيائي بيهڪ ۽ ڀرپور ثقافتي ورثو آهي جنهن کي پوري طرح استعمال ۾ ناهي آندو ويو. هن چي?? ته تعليمي شعبي ۾ سهڪار ٻطرفي لاڳاپن جو هڪ اهم حصو آهي جيڪو پاڪستاني نوجوانن کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو، ان س??سلي ۾ هن 39 هزار اهڙن اڳوڻن شاگردن جي اهم ڪردار تي روشني وڌي جن آمريڪا ۾ مختلف تعليمي ادارن مان تربيت حاصل ڪئي. ان کان اڳ ڊائريڪٽر ايف ايس آءِ سفير جوآن اي پولاسچڪ پاڪستان?? سفير کي اداري جي مختلف تربيتي پروگرامن تي بريف ڪيو.
پاڪستاني سفير جي آمريڪي فارن سروس جي آفيسرن سان ملاقات، گڏيل عوامي رابطن ۽ مضبوط اقتصادي لاڳاپن تي زور
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش