قاهره -18 مارچ (اي پي پي) مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي چيو آهي ته يورپي يونين ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ اٽڪل 7.4 بلين يورو (8.06 بلين آمريڪي ڊالر) جو مالياتي پئڪيج فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. خابرو اداري مطابق هن اهي رمارڪس دورو ڪندڙ يورپي ڪميشن جي صدر ارسولاوان ڊيرليين ۽ بلاڪ جي ٻين اعليٰ عهديدارن سان گڏيل طور تي منعقد هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن اعلان ڪيو ته م??ر ۽ يورپي يونين گڏيل سهڪار ج?? رستي تي گامزن ٿيڻ لاءِ هڪ گڏيل سياسي پڌرنامي تي صحيحيون ڪيون ??هن. مصر جي ايوان صدر جي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته م??لياتي پئڪيج بنيادي طور تي مصر جي معيشت کي 3 رخن رعائتي فنانسنگ، سيڙپڪاري جون ضمانتون، ۽ ٻه طرفي سهڪار جي منصوبن کي لاڳو ڪرڻ جي فني مدد تي ڌيان ڏيندو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا