اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته سيڪيورٽي جي ??عاملن تي سياست نه ٿيڻ گهرجي ۽ پنهنجي ذاتي ۽ پارٽي موق?? کي هڪ طرف رکي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. سينيٽ ۾ ڪوئيٽا سانحي ۽ مردان سانحي تي بحث سهيڙيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته ڪوئيٽا سانحو ۽ مردان سانحو افسوسن??ڪ آهن، ان حوالي سان ايوان ۾ ڪجهه تيز ڳالهايو ويو، ميمبرن تفصيل سان ڳالهايو پر ڪجهه اهڙيون شي??ن به هيون جن تي ڳالهايو ويو، جيڪي هن مسئلي سان لاڳاپيل ئي نه هيون. هن چيو ته آئون سڀني جي راءِ جو احترام ڪريان ٿو، بدقسمتي سان ڪجهه اهڙيون شي??ن هونديون آهن جن جو اظهار ٿي ويندو آهي ۽ اهي چٽي ڏينهن وانگر ظاهر به ٿي وينديون آهن، انهن ٻنهي سانحن جي آئون پرزور مذمت ڪريان ٿو.
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste