اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد ن??از شريف چيو آهي ته هي هر پاڪستاني جي گڏيل ذميد??ري آهي ته هو ماحو?? کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن هي مقدس ذميد??ري ايندڙ نسلن کي منتقل ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي ماحولياتي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو سومر ڏينهن ملهايو ويو. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان پيرس معاهدي جي توثيق ڪئي آهي ۽ ماحو?? کي بچائڻ لاءِ سموري عالمي جدوجهد ۾ تعاون ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ماحول جي ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد حقيقت ۾ هڪ گهري سوچ ويچار جو سبب آهي ڇو ته هي ڏينهن ماڻهن کي قدرت سان جوڙي ٿو ۽ ان جي حقيقت کي ڄاڻڻ لاءِ اسان کي آگاهي جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ حڪومت پاڪستان به پنهنجي ذميدارين کان پوري طرح آگاهه آهي، اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻايو آهي ته اسان جي صنعتي انفرااسٽرڪچر ۽ ٻي ترقي جا جيترا به منصوبا آهن اهي ماحول دوست آهن، اسان سمورن ترقياتي منصوبن ۾ ماحول تي اثرن جي مطالعي کي هڪ لازمي حصو بڻايو آهي، اسان تازن ڏينهن ۾ گرين پاڪستان سمورين صوبائي ۽ علائقائي حڪومتن ۽ عالمي ترقياتي حصيدارن جي تعاون سان سڄي ملڪ ۾ شروع ڪيو آهي، هي هڪ مڪمل پروگرام آهي جنهن جو مقصد ن?? صرف اسان جي ماحو?? کي محفوظ ڪرڻ آهي جنهن ۾ ٻيلن ۽ ??نگ??ي جيوت شامل آهي پر ان جو مقصد عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ آهي ته ڪهڙي طرح هر پاڪستاني ان قومي جدوجهد ۾ پنهنجو حصو ادا ڪري سگهي ٿو.
هر پاڪستاني ماحول کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب