سوچي – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جمعي ڏينهن وچ ايشيائي رياست ڪرغزستان جي وزيراعظم سفرايزاڪوف سان ٻه طرفي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ڪرغزستان جي پنهنجي هم منصب کي وزارت عظميٰ ??و عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ شنگهائي تعاو?? تنظيم جي ميمبرشپ ۾ پاڪستان سان تعاون ڪرڻ تي ڪرغزستان جو ٿورو ادا ڪيو. ڪرغزستان جي وزيراعظم شنگهائي تعاو?? تنظيم ۾ پاڪستان جي شموليت جي آجيان ڪئي ۽ ان کي تنظيم جو هڪ قابل قدر اثاثو قرار ڏنو. ٻنهي وزيراعظمن شنگهائي تعاو?? تنظيم جي فريم ورڪ ۽ ٻه طرفي بنيادن تي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳوا??ن ڪاسا 1000 پراجيڪٽ ??ي سلسلي ۾ سمورن معاهدن تي صحيحن تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن کانپوءِ هي منصوبو عملدرآمد جي مرحلي ۾ آهي. ڌرين واپار ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي ??ي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ظاهر ڪيو.
وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ڪرغزستان جي وزيراعظم سان ٻه طرفي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری