اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) توانائي واري نگران وفاقي وزير سيد علي ظفر سان پاڪستان ۾ ترڪمانستان جي سفير عطا جان مولاموف ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هن تاپي گئس پائيپ لائين پراجيڪٽ تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ?? ان عزم کي ورجايو ته توانائي جي ان منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون کي وڌ??ڪ مضبوط بڻايو ويندو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ تاريخي ۽ مذهبي رابطا آهن ?? انهن جا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي دلين ۾ قائم آهن. هن چيو ته پاڪستان ترڪمانستان سان مختلف شعبن ۾ گڏيل مفاد ۾ تعاون کي وڌائڻ جو خ??اه??مند آهي.
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا