اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي بالاڪوٽ ويجهو مبينا دهشتگرد ??يم?? کي هدف بڻائڻ ۽ وڏي جاني نقصان جي ڀارتي دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته هڪ دفعو ٻيهر ڀارتي حڪومت فرضي ۽ ڪوڙين دعوائن جو سهارو ورتو آهي، ڀارت بنا ڪنهن سبب جي جارحيت جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ پاڪستان جوابي ڪارروائي لاءِ وقت ۽ جڳهه جو تعين پاڻ ڪندو، هٿياربند فوج ۽ پاڪستان جي عوام هر قسم جي حالتن جي لاءِ تيار رهي. قومي سلامتي ڪميٽي جو خصوصي اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي وزير، ??فاع واري وزير، ناڻي واري وزير، ??وائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين، چيف ??ف آرمي اسٽاف، چيف آف نيول اسٽاف، پاڪ فضائيه جي سربراهه ۽ ٻين سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون