اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اڳوڻن و??ير??عظمن محمد نواز شريف، يوسف رضا گيلاني ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڪئمپ آفيس، سيڪيورٽي، انٽرٽينمينٽ ۽ پرڏيهي نجي دورن تي خرچ ٿيندڙ اربين رپيا هڪ مهيني ۾ وصول ڪرڻ ۽ صدر ۽ و??ير??عظم جي پگهارن ۽ مراعتن جي قانون ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آ??ي، ان ترميم سان هاڻي صدر ۽ و??ير??عظم جي رڳو هڪ رهائشگاهه کي سرڪاري رهائشگاهه جو درجو ڏنو ويندو ۽ جڳهه جڳهه ڪئمپ آفيسز قائم ڪرڻ ۽ انهن تي سرڪاري ناڻي ۽ عوام جي پئسي سان ٿيندڙ خرچن جي روڪٿام ڪري سگهبي، اڳتي ڪنهن به پبلڪ آفيس هولڊر بشمول صدر ۽ و??ير??عظم جي لاءِ ڊيوٽي فري گاڏي جي سهولت ??ه هوندي. و??ير??عظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ و??ير??عظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا سنڌ ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس جي مقرري جي معاملي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو.
ڪابينا اڳوڻن وزيراعظمن کان اربين رپيا وصول ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج