اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورون?? وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هڪ هزار 808 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 34 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 33 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دور??ن ان وائرس سبب فوت ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 36 هزار 686 ٽيسٽ ڪيا ??يا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 146، پنجاب ۾ 13 هزار 545، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 303، اسلام آباد ۾ 6 هزار 879 ، بلوچستان ۾ 482 ، گلگت بلتستان ۾ 345، آزاد ڪشمير ۾ 986 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪ??وڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 20 هزار 849 ٿي چڪو آ??ي، بلوچستان ۾ ڪ??وڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آ??ي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪ??وڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 856 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 189 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪ??وڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 22 هزار 88 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪ??رون?? وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 49 هزار 992 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ