اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪشمير هاڻي آزادي طرف ويندو ??و ته گذريل سال 5 آگسٽ جي هڪطرفي قدم ذريعي ڪشميرين کي دٻائڻ جا ڀارتي ارادا ناڪام ٿي ويا آهن. ڪشسمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي جمعي ڏينهن ??وٽلي ۾ هڪ عوامي جلسي کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ نجي ٽي وي چينل (هم نيوز) سان ڳالهائي??دي وزيراعظم چيو ته ڀارت 5 آگسٽ تي ڪشميرين کي ڪرش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر ڪشميرين جا حوصلا وڌيڪ بلند ٿيا. هن ??يو ته ڪشميرين کي وڌيڪ عرصي تائين نه ٿو دٻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته تاريخ مان ثابت ٿيو آهي ته ڪنهن آبادي کي وڌيڪ عرصي تائين دٻائي نه ٿو سگجي ۽ جڏهن ??ا قوم آزادي حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي ته ڪا به طاقت ان کي نه ٿي دٻائي سگهي. هن ??يو ته دنيا ڪشمير مسئلي جي سنجيدگي کي سمجهيو آهي جيڪو گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل سميت عالمي سطح تي اجاگر ٿيو آهي انهي لاءِ پراميد آهيان ته هاڻي اهو آزادي طرف ويندو. يورپي يونين جي ڊس انفوليب جي انڪشافن بابت وزيراعظم چيو ته ڀارت پاڻ کي هڪ وڏو ملڪ ۽ وڏي مارڪيٽ هجڻ جي واويلا ڪري ٿو جنهن پاڪستان کي الڳ ٿلڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڪستان کي ماضي جي ڀيٽ ۾ بي مثال عالمي پذيرائي ملي. هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ته مون کي يقين ڪونهي ته بائيڊن انتظاميا ڪشمير تڪرار تي ثالثي ۾ شامل ٿي??دي جهڙي طرح ڊونلڊ ٽرمپ آڇ ڪئي هئي جڏهن ته هن ??يو ته ان مسئلي جي حوالي سان دنيا ۾ شعور موجود آهي، 50 سالن کانپوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪشمير مسئلي تي ٽي ڀيرا بحث ڪيو جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو هڪ عالمي ايشو بڻجي چڪو آهي. هن ??يو ته ڀارت جي لاءِ هاڻي ظلم جار?? رکڻ مشڪل ٿيندو ??و ته دنيا صورتحال جو مشاهدو ڪري رهي آهي. پاڪستان ڀارت کي ان شرط تي ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي ته هو آرٽيڪل 370 کي بحال ڪ??دي والاريل ڪشمير جي خصوصي حي??يت بحال ڪري.
5 آگسٽ جي هڪطرفي قدم ذريعي ڪشميرين کي دٻائڻ جا ڀارتي ارادا ناڪام ٿي ويا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی