اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز (نمز) ماحولياتي زوال جو سبب بڻجندڙ ڪنهن به شيءَ کي ??ستعمال نه ڪرڻ جو عزم ڪندي ”زيرو ويسٽ ڪيمپس“ بڻجڻ جو اهم قدم کنيو آهي، ان سلسلي ۾ ويسٽ مينيجمينٽ بابت ”فائيو آر“ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي، اهو قدم ماحوليات جي عالمي ڏهاري سان هم آهنگ آهي جيڪو اڄ سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، آمريڪا، برطانيا ۽ آسٽريليا ۾ ڪيتريون ئي م??هور يونيورسٽيون پهرين ئي ”زيرو ويسٽ ڪيمپس“ بڻجي چڪيون آهن، ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي جي ڏس ۾ فائيو آر حڪمت عملي ”گهٽتائي، ٻيهر استعمال، ري سائ??ڪل?? ڳرڻ، سڙڻ ۽ شعور بيداري“ جي باري ۾ آهي. فيڪلٽي آف سوشل سائنسز اينڊ هيومينيٽز جي ڊين پروفيسر اعظم چوڌري هتي جاري بيان ۾ چيو ته پاڪستان ”فائيو آر“ جي حوالي سان 2009ع ۾ ”ٿري آر“ (ريڊيوس، ري يوز اينڊ ري سائيڪل) ڪميونٽي پهرين ئي ميمبر بڻجي چڪو آهي، جڏهن خطي ۾ وسيع تر تعاون جي لاءِ جاپان جي تجويز تي ايشيا ۾ ريجنل ٿري آر فورم جو قيام عمل ۾ آندو ويو هو تنهن هوندي به اسان کي ??داره جاتي ۽ انفرادي ٻنهي سطح تي م??حولياتي زاوال جو سبب بڻجندڙ عملن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻندي م??اشري جي حيثيت سان گهڻو ڪجهه ڪر?? جي ضرورت آهي.
نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز پاران ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي”زيرو ويسٽ ڪيمپس“ بڻجڻ جو عزم
مضمون کا ماخذ : گرم گرم