اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ قانونن ۾ ترميم بابت اليڪشن ڪميشن جا خدشا ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته چونڊ عمل لاڳو ڪرڻ جي باري ۾ حتمي فيصلو اليڪشن ڪميشن جو هوندو، حڪومتي ادارا سڌارن واري عمل کي شفافيت سان انجام ڏيڻ ل??ءِ مدد فراهم ڪندا، ووٽ هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي انهن جو حق ڏيڻ جي ضرورت آهي. هو انٽرنيٽ ووٽنگ لاءِ ايمرجنگ ٽيڪنالاجي بابت سب ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وارو وزير سيد امين الحق، ??يل??ي وارو وزير اعظم خان سواتي ۽ آءِ ٽي وزارت وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر مح??د سهيل راجپوت، نادرا جي وقتي چيئرم??ن برگيڊيئر (ر) خالد لطيف، آءِ ٽي اليڪشن ڪميشن جو ڊائريڪٽر جنرل خضر عزيز ۽ ٻين لاڳاپيل سينئر عملدارن به شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ٻاهرين ملڪ رهندڙ 90 لک پاڪستانين کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ ووٽ جو حق ڏيڻ ل??ءِ موجوده چونڊ قانونن ۾ به بهتري آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
چونڊ عمل لاڳو ڪرڻ جي باري ۾ حتمي فيصلو اليڪشن ڪميشن جو هوندو: صدر
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں