لنڊن – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ??رط??نوي پارليامينٽ جي هائوس آف ڪامنز جي پرڏيهي معاملن ۽ دفاعي ڪميٽين جي سربراهن لنڊن ۾ ملاقات ڪئي. وف?? جي سربراهي هائوس آف ڪامنز پرڏيهي معاملن بابت سليڪٽ ڪميٽي جو سربراهه ٽام ٽگن ڊاٽ ۽ ڊفينس ڪميٽي جو سربراهه ٽوبياس ايلووڊ ڪري رهيا هئا. پرڏيهي وزير ??رط??نوي پارليامينٽرينز کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته افغانستان جي حوالي سان پاڪستان ۽ ??رط??نيا جي سوچ ۾ هم آهنگي آهي، ٻئي ملڪ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ چاهين ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي ۽ عالمي برادري کي افغانين کي انساني بحران کان بچائڻ جي لاءِ ??ڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان ۾ عدم استحڪام سان افغان پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا ڪَر کڻندا. پرڏيهي وزير ??رط??نوي پارليامينٽرينز کي ڀارتي قابض فوج پاران وا??ار??ل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن، بدترين گهيراءُ ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان ڀارتي قابض فوج جي وا??ار??ل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن تي 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ڀارتي ??فيسرن جي جنگي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن، اسان آٺوس ثبوت دنيا آڏو رکي ڇڏيا آهن ته جيئن اها پاڻ انهن حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪري سگهي. ٻطرفن لاڳاپن تي ??وشني وجهندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ??رط??نيا ويجها دوست ۽ پراڻا حصيدار آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پاڪ ??رط??نيا اسٽريٽجڪ حصيداري کي اڳتي وڌايو وڃي ۽ لاڳاپن کي اڳئين درجي تائين وڌايو وڃي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ??رط??نيا جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ فعال بڻائڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ ??رط??نيا ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستاني ڄائي ??رط??نوي شهرين جي خدمتن کي بهتر طور تي ??ستعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان برطانوي پارليامينٽ جي هائوس آف ڪامنز جي پرڏيهي معاملن ۽ دفاعي ڪميٽين جي سربراهن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال