اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته طاقتور کي قانون جو تابع بڻائڻ جهاد آهي، ا??صا?? جي نظام ۾ سڌارن جو مقصد عام ماڻهو کي ا??صا?? فراهم ڪرڻ ۽ طاقتور کي قانون جي تابع آڻڻ آهي، فوجداري قانون نظام ۾ سڌارا قانون جي حڪمراني طرف هڪ وڏو قدم آهي، حڪومت پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو آهي هاڻي عدليه ۽ وڪيل فوجداري قانونن ۽ نظام ا??صا?? ۾ سڌارن تي عملدرآمد ڪرائين، ملڪي تاريخ ۾ پهر??ون ڀيرو علاج جي مفت سهولت جي فراهمي لاءِ هيلٿ ڪارڊ ڏنا پيا وڃن، اليڪشن ۾ اي وي ايم ٽيڪنالاجي آڻي رهيا آهيون، ريڪوڊڪ ڪيس سان پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، اوورسيز پاڪستانيز ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ??ه هجڻ جي ڪري سيڙپڪاري نٿا ڪن، هنن ملڪ ۾ سيڙپڪاري شروع ڪري ڇڏي ته ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ٽنگڻو پوندو، اسلام واراثت ۾ عورتن جو حق مختص ڪري رکيو آهي، هاڻي اهو نٿو ٿي سگهي ته ک??ن جائيداد ۾ حصو نه ملي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن فوجداري قانون ۽ نظام ا??صا?? ۾ سڌارن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته قانون جي حڪمراني کانسواءِ ڪو به ملڪ ۽ معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، اڄ تائين ڪنهن معاشري ا??صا?? جي نظام ۽ قانون جي حڪمراني کانسواءِ ترقي ناهي ڪئي، اسان جي ملڪ ۾ ا??صا?? جو نظام آهستي آهستي اهڙو بڻجندو ويو ته طاقتور ان مان فائدو کڻندو رهيو ۽ ان کي ڪو به پڪڙي نه سگهندو هو جڏهن ته عام ماڻهو سان جيلون ڀريل آهن، ا??صا?? جو نظام ٺيڪ ??ه هجڻ جي ڪري قانون جي حڪمراني کي نقصان پهتو آهي. تعليم جو نظام به خراب ٿي ويو، ڪڏهن سرڪاري اسڪولن جو نظام تمام گهڻو سٺو هوندو هو ۽ مشهو?? دانشور ان مان تعليم حاصل ڪري نڪرندا هئا پوءِ ان سان گڏوگڏ پرائيويٽ ۽ انگلش ميڊيم اسڪول جو نظام به اچي ويو ۽ اتي هڪ اشرافيه تيار ٿيڻ لڳي جنهن کي ٻ??ن جي ڀيٽ ۾ بهترين نوڪر??ون ملند??ون هيون. اسان جي اسپتالن جي به اها ئي صورتحال رهي ۽ آهستي آهستي اسان جون سرڪاري اسپتالون به پوئتي رهجي ويون. امير طبقي جي علاج لاءِ نجي اسپتال موجود هئا جڏهن ته تمام وڌيڪ امير ماڻهو علاج ڪرائڻ ٻاهر هليا ويندا هئا، وزيراعظم چيو ته فوجداري قانونن ۾ سڌارا پهر??ون ڀيرو ملڪي تاريخ ۾ ڪيا پيا وڃن، ضابطه ديواني ۾ پهرين اسان اهو ڪم ڪري چڪا آه??ون ۽ ا??صا?? جي نظام ۾ سڌارن جو مقصد عام ماڻهن کي ا??صا?? فراهم ڪرڻ ۽ طاقتور کي قانون جي تابع آڻڻ آهي.
وزيراعظم چيو ته مدينه جي رياست اها پهرين رياست هئي جنهن دنيا جي تاريخ ۾ هڪ عظيم انقلاب برپا ڪيو ۽ قرارداد مقصد جو ماڊل به مدينه جي رياست ئي هئي جنهن جا ٻه بنيادي اصول هئا، هڪ فلاحي رياست جو قيام ۽ ٻيو قانون جي حڪمراني. ملڪ ۾ پهر??ون ڀيرو يونيورسل هليٿ ڪوريج ڏني پئي وڃي ۽ عام ماڻهو کي علاج جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ فراهم ڪيا پيا وڃن، دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ به اهڙي طرح جو نظام موجود نه آهي ۽ اهو فلاحي رياست جي قيام طرف هڪ وڏو قدم آهي جڏهن ته فوجداري قانون ۽ نظام ا??صا?? ۾ سڌارا قانون جي حڪمراني طرف هڪ اهم قدم آهي، هجرت مدينه کانپوءِ مسلمانن پهريان پنج سال ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏنو پر انهن پنج سالن ۾ قانون جي بالادستي قائم ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عدالتي نظام آهستي آهستي ڪمزور ٿيندو ويو، طاقتور ۽ ڪمزور جي لاءِ ڌار ڌار قانون هئا. هن چيو ته ليگل سسٽم ٺيڪ نه ٿيڻ سان قانون جي حڪمراني ممڪن نه آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهر??ون ڀيرو قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ سڌارن جو مقصد عام ماڻهو کي ا??صا?? جي فراهمي يقيني بڻائڻ آهي، ان جو سڀ کان وڏيڪ فائدو عام ماڻهو کي ٿيندو، معاشري ۾ ا??صا?? سان ئي ترقي ٿيندي، ڇاڪاڻ جو طاقتور کي چوري جي سزا ناهي ملندي ۽ ڪمزور ڦاسي ويندو آهي.