اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر اهو اختيار نٿو رکي ته رولنگ ڏئي عدم اعتماد جي تحريڪ رد ڪري. اٽارني جنرل ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو سپري?? ڪورٽ ۾ دفا?? ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن سپري?? ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته جنهن ڏينهن عدم اعتماد تي ووٽنگ ٿي رهي هئي ان ڏينهن ڊپٽي اسپيڪر آئين جي ابتڙ رولنگ ڏني. ڊپٽي اسپيڪر اهو اختيار ئي نٿو رکي ته رولنگ ڏئي عدم اعتماد جي تحريڪ رد ڪري جنهن ??قت عدم اعتماد تي ووٽنگ لاءِ تحريڪ پيش ٿي هئي ڊپٽي اسپيڪر رولنگ نٿو ڏئي سگهي، ان خلاف ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته اٽارني جنرل جنهن کي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو دفا?? ڪرڻو هو، سپري?? ڪورٽ آڏو رولنگ جو دفا?? ڪرڻ کان انڪار ڪري هليو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز