اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي حڪ??مت جي بدترين معاشي پاليسين ۽ دور انديشي نه هُجڻ جي ڪري تمام وڏا معاشي چئلينج درپيش آهن، معيشت کي سنڀالڻ جي لاءِ دليراڻن فيصلن کان پاسو نه ڪنداسين، ڏينهن رات محنت سان قوم کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍنداسين، انشاءَ الله سٺو وقت به ايندو. ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي ??زي??اعظم چيو ته قوم بدقسمتي سان اڳوڻي حڪ??مت جي بدترين معاشي پاليسين، بي انتها ناقص ڪارڪردگي ۽ ڪم عقلي جو نتيجو ڀوڳي رهي آهي. هي اسان جي لاءِ تمام وڏو معاشي چئلينج آهي جيڪو اسان کي ورثي ۾ مليو آهي. ??زي??اعظم چيو ته اڳوڻي حڪ??مت ويندي ويندي پيٽروليم جون قيمتون جيڪي پوري دنيا ۾ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، گهٽ ڪري ايندڙ حڪ??مت جي لاءِ ڄار وڇايو. اهو بدنيتي تي ٻڌل قدم هو. جيڪڏهن اڳوڻن حڪمرانن کي عوام جو ايترو ئي درد هجي ها ته 3 سالن ۾ ڪو سٺو مثال قائم ڪن ها ۽ عوام جي حقيقي ڀلائي جي لاءِ ڪجهه ڪن ها. عالمي سطح تي ڳنڀير صورتحال درپيش آهي ۽ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون وڌي رهيون آهن، اسان کي به مجبوري ۾ قيمتون وڌائڻيون پيو?? پر ان سان گڏ اسان 7 ڪروڙ غريب ماڻهن جي لاءِ ريليف جو به اعلان ڪيو ۽ بي آءِ ايس پي جي ذريعي 2000 رپيا ماهوار ملڪ جي ڪروڙين غريب ماڻهن کي ڏنا پيا وڃن. ??زي??اعظم چيو ته اهو فيصلو بجيٽ ۾ عريب طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ويو. سرندي وارن طبقن تي ٽيڪس هنيو ويو ته جيئن عام ماڻهو کي اهو احساس ٿئي ته انهن جي حڪ??مت انهن جو بار ونڊڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ??زي??اعظم چيو ته آئون اميد ڪريان ٿو ته ملڪ جو امير طبقو وڌيڪ ٽيڪس ڏئي حڪ??مت جو ساٿ ڏيندو. اهڙي طرح حڪ??مت وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪري غريبن تي خرچ ڪري سگهندي. هن چيو ته مشڪل حالتن ۾ جيڪا ذميواري اسان کي ملي آهي ان کي نڀائينداسين. اسان دليراڻا فيصلا ڪيا آهن وڌيڪ به ڪرڻا پوندا ته ڪنداسين ۽ معيشت کي سنڀالڻ جي لاءِ ڪو به ضروري قدم کڻڻ کان نه ڪيٻائينداسين. ??زي??اعظم چيو ته مشڪل فيصلن کانپوءِ سٺو وقت به ايندو. مشڪل فيصلا اسان جي مجبوري آهي. اسان محنت سان ڪم ڪنداسين ۽ نتيجا الله جي هٿ ۾ آهن. ??زي??اعظم چيو ته اڳوڻي حڪ??مت آءِ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ڪيو پاڻ ئي ان جون ڌڄيون اڏايون. معاهدي جي پاسداري نه ڪرڻ جي ڪري اڄ معاشي مشڪلاتون درپيش آهن. اسان ڏينهن رات محنت جي ذريعي قوم کي ان مشڪل وقت مان ڪڍنداسين.
اڳوڻي حڪومت جي بدترين معاشي پاليسين ۽ دور انديشي نه هُجڻ جي ڪري تمام وڏا معاشي چئلينج درپيش آهن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار