فيصل آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪست??ن علماءِ ڪائونسل جي مرڪزي چيئرمين صاحبزاده زاهد محمود قاسمي چيو آهي ته اسان ڀارتي غاصباڻي فوجي گهيراءُ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن ۽ ڪشميري عوام جي خلاف ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي غيرقانوني قدمن جي مذمت سميت عالمي دنيا کان پرزور مطالبو ڪريون ٿا ته هو والاريل ڪش??ير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪش??ير مسئلي جي فوري حل لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا يقيني بڻائي. هو ڪش??ير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي فيصل آباد جي جامعيه قاسميه ۾ ٿيندڙ يڪجهتي ڪش??ير ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته مرڪزي علماءِ ڪائونسل پاڪستان ڪش??ير جي قربا??ين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي ڇو ته ڪشميري خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سڄي پاڪستاني قوم ان جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي ۽ والاريل ڪش??ير جي مظلوم عوام سان گڏ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. تقريب کي علامه شاهنواز فاروقي، قاري محمد مشتاق لاهوري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
عالمي دنيا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن جو نوٽيس وٺي: صاحبزاده زاهد محمود قاسمي
مضمون کا ماخذ : números dupla sena