اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زراعت کي ملڪي معيشٽ جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان شعبي جي ترقي لاءِ حڪومت ايندڙ هفتي تاريخي آبادگار پئڪيج جو اعلان ڪندي، هن لاڳاپيل وزيرن جي ڪميٽي کي آبادگ??ر نمائندن سان گڏجي انهن جا مسئلا موثر انداز ۾ حل ڪرڻ جي لاءِ قابل عمل سفارشون جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم آبادگارن جي مختلف وفدن سان انهن جي مسئلن جي حل لاءِ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان، خو??اڪ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، پنجاب جي صوب??ئي اسيمبلي ميمبر راڻا مشهود احمد خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم زرعي شعبي کي ملڪ جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ انته??ئي اهم قرار ڏنو ۽ ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ملڪ ۾ ان شعبي جي ترقي ۽ آبادگارن جي ڀل??ئي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موجوده معاشي حالتن جي ڏس ۾ هر ممڪن ريليف فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ان سلسلي ۾ ايندڙ هفتي ٿيندڙ آبادگار ڪانف??نس ۾ تاريخي آبادگار پئڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو. وزيراعظم انهن کي پنهنجي پنجاب جي خادم اعليٰ جي حيثيت سان زرعي شعبي جي ترقي ۽ آبادگار ڀائرن جي ڀل??ئي لاءِ کنيل قدمن جو حوالو ڏيندي ياد ڪرايو ته هن ڪهڙي طرح سدائين آبادگارن جي مفادن جو تحفظ ڪيو ۽ انهن کي بجلي جي بلن جي اد??ئي??ي، ڀاڻ جي فراهمي ۽ زرعي اوزارن جي خريداري تي سبسڊي فراهم ڪئي.
زراعت جو شعبو ملڪي معيشت جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو