ڪراچي- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) ??نڌ جي اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ??نڌ حڪومت جي امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 26500 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته قمبر شهدادڪوٽ ۾ 1000 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا. اهڙي طرح دادو ۾ 2000، حيدرآباد ۾ 7000، مٽياري 500، س??او?? 1000، لاڙڪاڻو 5000، شڪارپور 800، سکر 3500، سانگهڙ 2200 ۽ ميرپورخاص ۾ 1500 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1528134 خاندانن ۾ راشن بيگس تقسيم ڪيا ويا آهن. صوبائي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن جي رپورٽ موجب وڌيڪ 1500 خيما ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو آهي. هاڻي تائين متاثرن کي 603719 خيما، 535317 پلاسٽڪ ترپال، 3140186 مڇردانيون، 800733 ليٽر منرل واٽر، 118123 تيار ٿيل کاڌي جو سامان ۽ ٻيو سامان فراهم ڪي?? ويو. صوبائي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 8628 متاثر ريليف ڪي??پن مان پنھنجي گھرن ڏانهن روانا ٿي ويا آه??، جڏهن ته ھن وقت 265039 متاثر ريليف ڪئمپن ۾ ترسيل آهن. جن ۾ 76721 ٻار ۽ 59915 عورتون شامل آه??، جن کي ٻن وقتن جو تيار ٿيل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪي??ن پيون وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تازين برساتن جي تباهڪارين سبب 779 قيمتي حياتيون ضايع ٿيون آهن، 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته گڊو بيراج تي پاڻي جي آمد 59300 ڪي??سڪ ۽ ڇوڙ 49900 ڪي??سڪ ريڪارڊ ڪي?? ويو آهي، سکر بيراج تي پاڻي جي آمد 47500 ڪي??سڪ ۽ ڇوڙ 37000 ڪي??سڪ آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي آمد 86200 ڪي??سڪ ۽ ڇوڙ 57500 ڪي??سڪ آهي.
گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 26500 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن: شرجيل انعام ميمڻ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ