ڪراچي / اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ??يپ??زپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي طاقت جي علامت هو، ا?? جو نظريو، جدوجهد ۽ قرباني لازوال آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل پيغام موجب قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 95 هين ولادت جي ڏهاڙي تي پن??نجي پيغام ۾ هن چيو ته ڀٽو هڪ نظريو آهي، جنهن کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪندڙ تاريخ ۾ بي نام ۽ نشان خاڪ بڻجي ويا، جڏهن ته ڀٽو جو نالو اڄ به پاڪستان جي گهٽين چوڪن سميت دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ گونجي ٿو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائداعظم محمد علي جناح کانپوءِ قائد عوام قوم جو مقبول ترين ليڊر هو، جنهن پن??نجي خلوص، تدبر ۽ محنت جي ذريعي ملڪ کي سياسي، معاشي ۽ معاشرتي لحاظ سان اڳتي وڌايو. هن چيو ته شهيد ڀٽو عوام کي سياسي شعور ڏنو ۽ بااختيار بڻايو، ملڪ کي پهريون متفقه آئين ۽ ائٽمي پروگرام ڏنو، پاڪستان کي اسلامي دنيا جو مرڪز بڻايو ۽ پاڪ – چين لاڳاپ?? جو بنياد رکيو. هن چيو ته پاڪ – چين لاڳاپن کي هڪ اڻٽٽ دوستي ۾ تبديل ڪرڻ به چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو جي سُڃاڻپ آهي. ??يپ??زپارٽي جي چيئرمين چيو ته قائد عوام بطور ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم پاڪستان ۾ مزدورن کي ٽريڊ ي??ني??ز جوڙڻ جو حق ڏنو ۽ مزدور دشمن پاليسي?? جو خاتمو ڪيو. زرعي سڌارا ڪري بي زمين هارين کي زمينون ڏنيون ۽ غريبن کي گهر?? جو مالڪ بڻايو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائد عوام جي نظريي کي فروغ ۽ ان جي مشن کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جي لاءِ شهيد محترمه ب??نظير ڀٽو سڄي زندگي جدوجهد ڪئي ۽ پن??نجي حياتي تائين جي پرواهه نه ڪئي. هن ان عزم کي ورجايو ته هو پن??نجي پارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نظريي ۽ مشن جي روشني ۾ 1973ع جي آئين جي حفاظت، جمهوريت کي مضبوط، رواداري ۽ برابري کي فروغ ۽ پاڪستان کي اسلامي دنيا جو رول ماڊل ترقي يافته ملڪ بڻائڻ جي جدوجهد کي منزل تي پهچائي ئي سک جو ساهه کڻندو.
قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي طاقت جي علامت هو: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی