اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پرامن پاڙيسريت تي يقين رکي ٿو ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندو. غيرملڪي نيوز چينل کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستا?? جي سول ۽ ملٽري قيادت فيصلو ڪيو آهي ته ملڪ جي خلاف ڪم ڪندڙن کي برداشت نه ڪيو ويندو، ان حوالي سان مڪمل ??تفاق آهي ته جيڪو به دهشتگردي ۾ ملوث آهي ان سان ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي کي دهشتگردي درپيش آهي ۽ ٻنهي ملڪ?? جي عوام دهشتگردي جو شڪار آهي جنهن کي وقت سر منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پرامن افغانستا?? جي لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان افغان عبوري حڪومت تي به زور ڏنو آهي ته اها عالمي برادري سان ڪيل واعدا پورا ڪري. هن تازي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ آزمائش جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان سان تعاون ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي عالمي ??ڳو??ڻن جا ٿورا مڃيا. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستا?? جي دوستن جا ٿورا مڃيا جن جنيوا ڊونرز ڪانفرنس ۾ پاڪستا?? جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ مدد جو اعلان ڪيو آهي.
پاڪستان پرامن پاڙيسريت تي يقين رکي ٿو ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندو: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا