اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نالي خط لکندي چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي لاڳاپيل عملدارن کي پنجاب ۽ خيبرپخت??نخ??اهه ۾ مقرر وقت ۾ عام چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي معاونت جي هدايت ڪري، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سمورن لاڳاپيل انتظامي عملدارن کي انساني حقن جي پائمالي کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ??ط ۾ چيو ته ويجهي ماضي ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا بنيادي ۽ انساني حقن جي واضح خلاف ورزين جي واقعن کي اجاگر ڪيو، اهڙن واقعن جي تدارڪ ۽ اصلاح جي لاءِ انهن کي وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آڻڻ جي ضرورت هئي. آرٽيڪل 105 يا 112 تحت صوبائي اسيمبلين جي تحليل تي آرٽيڪل 224 (2) تحت 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ڪرائڻ ضروري آهي. صد?? پنهنجي ??ط ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي صد?? کي 90 ڏينهن جي اندر چونڊن ڪرائڻ جي لاءِ تاريخ (تاريخون) تجويز ڪرڻ جو حڪم ڏنو، خيبرپخت??نخ??اهه جي گورنر کي به صوبائي اسيمبلي جي لاءِ ٽائيم فريم موجب عام چونڊون منعقد ڪ??ڻ جي لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، لڳي ٿو ته پنجاب ۽ خيبرپخت??نخ??اهه ۾ وفاقي ۽ نگران حڪومتن لاڳاپيل ادارن جي سربراهن کي عام چونڊون منعقد ڪ??ڻ جي لاءِ ضروري تعاون فراهم ڪرڻ کان معذوري ظاهر ڪرڻ جو چيو، آئين تحت وفاقي ۽ صوبائي ايگزيڪيوٽو اٿارٽيز جو فرض آهي ته اهي ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن کي انهن جا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ مدد ڪن. صد?? پنهنجي ??ط ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن 30 اپريل تي پنجاب ۾ عام چونڊون منعقد ڪ??ڻ جي پنهنجي اعلان تي عمل نه ڪيو، سپريم ڪورٽ جي حڪم جي کليل خلاف ورزي ڪئي، اي سي پي پنجاب ۽ خيبرپخت??نخ??اهه جي صوبائي اسيمبلين جي عام چونڊن جي انعقاد جي لاءِ 8 آڪٽوبر تاريخ جو اعلان ڪيو. صد?? ??ط ۾ وزيراعظم جو ڌيان انساني حقن جي خلاف ورزين طرف پڻ ڇڪرايو. ??ط ۾ پوليس/ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ظلمن، شهرين جي خلاف طاقت جي غيرمناسب استعمال جي سنگيني جو پڻ ذڪر ڪندي ٻڌايو ويو ته سياستدانن، ڪارڪنن، صحافين ۽ ميڊيا جي خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا، سياسي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا، شهرين کي بنا وارنٽ ۽ قانوني جواز جي اغوا ڪيو ويو. صد?? ??ط ۾ بنيادي حقن بابت آئين جي مختلف آرٽيڪلز جو پڻ حوالو ڏيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪلز جي واضح طور تي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، اهڙن واقعن سان عالمي برادري ۾ پاڪستان جو اميج خراب ٿيو، پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي صورتحال ۽ مستقبل تي منفي اثر پئجي رهيا آهن. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ??ط ۾ ذڪر ڪيو ته 2021ع جي ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 180 ملڪن مان 145 هين نمبر تي هو، 2022ع ۾ پاڪستان 12 درجا هيٺ 157 هين نمبر تي اچي ويو، هن سال جي قدمن سان ان انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي وڌيڪ هيٺ ايندي، پاڪستان ۾ تازن مهينن ۾ ميڊيا کي وڌيڪ دٻايو ويو، حڪومت جي خلاف اختلاف، تنقيد دٻائڻ جي لاءِ صحافين کي بغاوت ۽ دهشتگردي جي الزامن جو نشانو بڻايو ويو. ??ط ۾ صد?? چيو آهي ته وزيراعظم حڪومت جي سربراهه هجڻ جي ناطي آئين ۾ ڏنل پاڪستان جي هر شهري جي انساني ۽ بنيادي حقن جي تحفظ جو ذميوار آهي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي حقن جي خلاف ورزي کان پري رهن، اليڪشن ڪميشن کي معاونت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري.
صدر پاران وزيراعظم جي نالي خط، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي لاڳاپيل عملدارن کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مقرر وقت ۾ عام چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي معاونت ڪريو: ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب