ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ازبڪستان جي شهر ثمرقند ۾ مل??قات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اها مل??قات افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي ٿي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مل??قات ۾ گڏيل دلچسپ?? جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ معيشت، توانائي، سلامتي ۽ علائقائي رابطن ۾ پاڪستان ۽ ايران جي ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وزيرن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون ۾ وس??ع گنجائش موجود آهي. هن مختلف اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي نئين شعبن جي نشاندهي ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. هن پولان – گبد/ گوادر بجلي ٽرانسميشن لائين کي مڪمل ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪا ٻنهي ملڪن جي سرحدي علائق?? جي توانائ?? جي ضرورتن کي پورو ڪندي. مملڪتي وزير حنا رباني کر سرحدي علائق?? جي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اضاف?? جي لاءِ سرحدي بازارن کي تيز ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. مل??قات ۾ ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ مملڪتي وزير حنا رباني کر افغانستان سميت علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جي ايران جي پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena