اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسمينٽ جي خاتمي واري محتسب جي حڪم جي خلاف پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊيولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) جي وائيس ۽ پرو وائيس چانسلر جي اپيل رد ڪندي هراسمينٽ ڪيس ۾ عورت کي جبري رٽائرڊ ڪرڻ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو. پائيڊ جي عورت ملازمه وائيس چانسلر ۽ پرو وائيس چانسلر تي هراسمينٽ جو الزام هنيو هو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ??نو ته پائيڊ شڪايت ڪندڙ عورت کي زوري رٽائر ڪري هراسمينٽ ايڪٽ جي روح جي خلاف ورزي ڪئي، هراسمينٽ جي معاملي جي انڪوائري جي ڪارروائي هراسمينٽ جي خات??ي بابت محتسب آڏو ٻڌڻي هيٺ آهي، هراسمينٽ جي خاتمي ايڪٽ 2010ع تحت انڪوائري دوران شڪايت ڪندڙ يا گواهن جي خلاف ڪا سخت ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهجي. صدر چيو ته پائيڊ ايڪٽ جي روح جي خلاف ورزي ڪندي شڪايت ڪندڙ کي رٽائرڊ ڪيو. صدر هراسمينٽ جي خات??ي بابت محتسب جي حڪم جي خلاف پائيڊ جي وائيس ۽ پرو وائيس چانسلر جي اپيل رد ڪري ڇڏيو. ايوان صدر پاران جاري تفصيل موجب پائيڊ جي هڪ عورت ريسرچ اڪانومسٽ (شڪايت ڪندڙ) هراسمينٽ جي خات??ي بابت محتسب وٽ هراسمينٽ جي شڪايت داخل ڪرائي هئي. محتسب انڪوائري شروع ڪئي پر معاملو ٻڌڻي هيٺ هجڻ دوران ئي شڪايت ڪندڙن کي نوڪري مان رٽائر ڪيو ويو. هراسمينٽ جي خات??ي بابت محتسب پائيڊ جي حڪم کي ڪيس جي خاتمي تائين معطل ڪري عورت کي بحال ڪري ڇڏيو هو. جوابدارن محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي، ??نه?? کي صدر رد ڪري ڇڏيو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ??نو ته محتسب بجا طور تي پائيڊ جي نوٽيفڪيشن کي معطل ڪيو. پائيڊ جي درخواست ۾ وزن نه آهي ۽ اها ميرٽ تي ٻڌل نه آهي ان لاءِ رد ڪئي وڃي ٿي.
صدر پاران پائيڊ جي وائيس ۽ پرو وائيس چانسلر جي اپيل رد
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena