اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيھ جي صدر رجب طيب اردوان جي حلف بر??ار?? واري تقريب جي موقعي ت?? انقره ۾ مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم شهباز شريف ترڪيھ جي اڳوڻي نائب وزيراعظم ۽ ايم ايڇ پي پارٽي جي چيئر??ين دولت باهچيلي سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف کيس صدر اردوان سان گڏ چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون. حلف بر??ار?? تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪوسوو جمهوريه جي صدر وجوسه عثماني ساديرو جي به ملاقات ٿي، ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جي ايران جي اول نائب صدر محمد مخبر سان به ملاقات ٿي. وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۽ سيستان سرحد تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ ۽ ايران جي صدر سان پنهنجي هاڻوڪي ملاقات جو حوالو به ڏنو. هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ بارٽر واپار هڪ س??ي اڳڀرائي آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام ??ي فائدو ٿيندو. صدر اردوان جي حلف بر??ار?? واري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شفقت مرزايوف سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي سهڪار، خطي کي رابطن سان ڳنڍڻ ۽ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار جي رفتار تيز ڪرڻ تي به ڳالهيون ڪيون.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جون ترڪ صدر جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي مختلف اڳواڻن سان ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ