اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامسٽس يو??يورسٽي پاران داخلا ملتوي ڪرڻ جي خلاف شاگرد جي اپيل منظور ڪندي يو??يورسٽي کي شاگرد ک?? ڊگري مڪمل ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪامسٽس يو??يورسٽي شاگرد ک?? ڊگري مڪمل ڪرڻ جو موقعو ڏي. يو??يورسٽي 7 سيمسٽر مڪمل ٿيڻ کانپوءِ شاگرد جي داخلا ملتوي ڪري ڇڏي هئي. تفصيل موجب حماد ب?? زين جي داخلا 2017ع ۾ گهٽ نمبر حاصل ڪرڻ جي بنياد تي ساڍا 3 سالن کانپوءِ ملتوي ڪئي وئي. صدر چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته يو??يورسٽي ايتري وڏي غلطي ڪئي، حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ساڍا 3 سالن کانپوءِ شاگرد ک?? ٻڌايو ته هو داخلا جو اهل نه آهي. صدر چيو ته شاگرد 8 سيمسٽرن جي فيس ادا ڪئي ۽ 7 سيمسٽر مڪمل ڪيا، شاگرد جي غلطي نه هجڻ جي باوجود ان جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته انصاف جي گهرج آهي ته شاگرد ک?? ڊگري پروگرام مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. تفصيل موجب حماد ب?? زين (شڪايت ڪندڙ) وفاقي محتسب کي ڪامسٽس جي خلاف شڪايت داخل ڪرائي هئي، شاگرد موقف اختيار ڪيو ته اهليت جو معيار جانچڻ يو??يورسٽي جي ذميواري آهي. شاگرد جو موقف هو ته جيڪڏهن هو گهربل معيار تي پورو نه لهندو هو ته 2017ع ۾ ان کي داخلا ئي نه ڏيڻ گهرجي ها. وفاقي محتسب يو??يورسٽي کي رڳو معاملي جي انڪوائري ڪرڻ ۽ قصوروار اهلڪارن کي غلفت جو ذميوار قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو، ريليف نه ملڻ تي شاگرد وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي جنهن تي صدر شاگرد جي اپيل منظور ڪندي وفاقي محتسب جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو. صدر چيو ته شاگرد پنهنجي ڊگري پروگرام جا ساڍا 3 سال مڪمل ڪري چڪو آهي، شاگرد تي غلط بياني جو ڪو الزام نه آهي، ان کي يو??يورسٽي انتظاميا جي غفلت جو خميازو ڀوڳڻ نه گهرجي، داخلا ملتوي ٿيڻ سان شاگرد جو وقت، پئسو ۽ محنت ضايع ٿيندي. هن چيو ته يو??يورسٽي حماد ب?? زين جي داخلا بحال ڪري، محتسب کي تعميل جي رپورٽ ڏي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران ڪامسٽس يونيورسٽي پاران داخلا ملتوي ڪرڻ جي خلاف شاگرد جي اپيل منظور
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں