ٽوڪيو – 03 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جاپان سان سيڙپڪاري، واپار، سياحت ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهيون ٿا، نجي شعبو ٻطرفن لاڳاپن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جاپان سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻوڏ متاثرين جي مدد تي جاپان جي حڪومت جو ٿورائتو آهيان، پاڪستان جاپان کي افرادي ق??ت مهيا ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي سرڪاري دوري جي موقعي تي ٽوڪيو ۾ جاپ??ني هم منصب يو شيماسا ??ياشي سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جاپان جي دوري دوران ميزب??ني تي پرڏيهي وزير يو شيماسا ??ياشي جو دل سان ٿورا مڃان ٿو، هي منهنجو جاپان ۽ خوبصورت شهر ٽوڪيو جو پهريون دورو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ جاپان پراڻا دوست آهن، پاڪست??ني عوام جاپان ۽ جاپ??ني عوام جي لاءِ گرمجوشي ۽ محبت جا گهرا جذبا رکي ٿي، اسان ضرورت جي وقت سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهيون. جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل سال اسان مسلسل اعليٰ سطحي مٽاسٽا ذريعي لاڳاپن ۾ نئين توانائي ۽ ولولو ڏٺو آهي. منهنجو آسيان علائقائي فورم جي 29 هين وزارتي اجلاس جي موقعي تي 4 آگسٽ 2022ع تي ڪمبوڊيا ۾ جاپ??ني هم منصب يو شيماسا ??ياشي سان ملڻ جو اعزاز پڻ حاصل ٿيو. اڄ اسان ملاقات سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌايو آهي. هن چيو ته جاپ??ني پرڏيهي وزير سان لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي ته ڪهڙي طرح ٻئي ملڪ اسان جي گڏيل تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪري سگهن ٿا، اسان واپار، سيڙپڪاري، انس??ني وسيلن جي ترقي ۽ مٽاسٽا، آءِ ٽي، سياحت ۽ زراعت جهڙن شعبن ۾ پنهنجي گڏيل فائديمند ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان گڏيل طور تي پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ سولرائيزيشن، ڊي سيلينشن ۽ واٽر پيوريفڪيشن ۽ هائوسنگ ۽ انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي شعبن ۾ وڌيڪ اثر رکندڙ ٽارگيٽيڊ پروگرامن تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي امڪانن کي ڳولڻ تي به اتفاق ڪيو آهي. ان کانسواءِ ڌريون هنرمند افرادي قوت جي چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ جاپ??ني زبان جي لاءِ لينگئيج اسڪل اسسمنٽ ٽيسٽ ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جاپان ۾ نوجوان پاڪست??ني هنرمند انس??ني وسيلن جي درآمد ۽ ان جي زبان جي تربيت کي تعاون جو هڪ اهم شعبو قرار ڏنو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۾ جاپ??ني ادارن جي سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن تي به غور ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جاپان جي دوري دوران نجي شعبي، مقامي ميڊيا سان گڏوگڏ ٿنڪ ٽينڪس سان به ڳالهه ٻولهه ڪندس. ٻنهي ملڪن کي مثبت ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ تعاون جون وڌيڪ راهون ڳولڻ جي لاءِ هر سطح تي مصروف رهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جاپان جي دوري دوران نجي شعبي جي ماڻهن سان ملاقات ڪندس. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مهمان نوازي تي جاپ??ني پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين جاپان جو چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. هن جي جاپ??ني وزيراعظم سان ملاقات ٿيندي.
جاپان سان سيڙپڪاري، واپار، سياحت ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهيون ٿا: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania