مظفر آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت عالمي قانونن ۽ اخلاقيات جون ڌڄيون اڏائيندي معصوم ۽ بيگناهه ڪشميري?? جي امنگ?? جي ابتڙ ڏاڍ، ظلم ۽ تشدد ۽ دهشتگردي جي ذريعي ڪسمير ۾ پنهنجي فوج لاهي رياست جي هڪ وڏي حصي تي جابراڻو قبضو ڪيو ۽ ان کانپوءِ انساني حق?? جي خلاف ??رزينجو اهڙو دور شروع ٿيو جو ڪشميري?? کي انه?? جي بنيادي انساني حقن کان ئي محروم ڪيو ويو، 27 آڪٽوبر تي خوني لڪير جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دن??ا ۾ رهندڙ ڪشميري، والاريل ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينه?? جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ڪشميري عوام ڪڏهن به ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي قبول نه ڪيو، 1947ع ۾ عوامي بغاوت جي ذريعي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي خلاف آزادي جي جدوجهد شروع ڪئي جنهن سان ڀارت بوکلائجي ويو، ڀارتي حڪومت پهرين جنوري 1948ع تي گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل سان رجوع ڪيو ۽ گڏيل قومن ۾ ڪشميري?? کي انه?? جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو ڪيو جنهن تي گذريل 76 سالن کان عملدرآمد ڪرڻ کان انڪاري آهي ۽ مسلسل رياستي ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪشميري?? جي دلين مان آزادي جي تڙپ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته والاريل واديءَ ۾ ڪو ڏينهن اهڙو نه ٿو گذري جڏهن ڪشميرين تي ظلم نه ٿيندو هجي، معصوم ڪشميرين تي اهڙا ظلم ڪيا ويا آهن جو جن سان انسانيت به شرمسار ٿي وئي آهي، ڀارت لکين ڪشميري?? کي شهيد ڪري ڇڏيو، هزارين بيگناهه نوجوان?? کي قيد ڪري رکيو آهي، حريت قيادت مصيبت خانن ۾ رياستي ڏاڍ جو مقابلو ڪري رهي آهي، هزارين عورت?? جي لڄ لٽي وئي آهي جڏهن ته روزانو ڪشميري?? جي ملڪيت?? کي تباهه ڪيو پيو وڃي، انساني تاريخ جي بدترين ظلم?? جي باوجود ڪشميرين جو حوصلو بلند آهي ۽ انه?? جي جذبي ۾ ذرو برابر به گهٽتائي ناهي آئي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير پنهنجي جابراڻي قبضي کي ڊيگهه ڏيڻ جي لاءِ ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جي غيرآئيني غيرقانوني ۽ غيراخلاقي قدمن کانپوءِ زمين?? جي قانون ۾ تبديلي ڪري پنهنجي قابض فوج کي ڇانوڻي?? جي لاءِ والاريل واديءَ ۾ زمين الاٽ ڪئي پئي وڃي، اڳوڻن ڀارتي فوجي?? جي لاءِ ڪالونيون ٺاهيون پيون وڃن ۽ اسرائيل جي طرز تي والاريل ڪشمير ۾ مذهبي نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسيمبلي سيٽن ۾ حدبندي ڪميش?? جي ذريعي ڦيرڦار ڪري مسلمان?? کي نمائندگي جي حق کان محروم ڪيو ويو آهي، ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ جي لاءِ ڪشميري نوجوان?? کي جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪيو پيو وڃي ۽ دن??ا کان والاريل ڪشمير جي صورتحال لڪائڻ جي لاءِ ميڊيا تي سخت پابنديون هنيون ويون آهن.
ڪشميري عوام ڪڏهن به ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي قبول نه ڪندي: آزاد ڪشمير جو وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا