اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت محدود وسيلن جي باوجود صوبائي حڪومت کي هر ممڪن ??دد فراهم ڪندي، صوبي جي عوام دهشتگردي جي خلاف لازوال قربان??ون ڏن??ون آهن، صوبي جا مالي وسيلا حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ سيڪريٽريل ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا نيٽ هائيڊل پرافٽس ۽ تيل ۽ گئس جي رائلٽي جي ادائيگي جي حوالي سان سفارشون جوڙي، خيبر ميڊيڪل ڪاليج پشاور ۽ ايوب ميڊيڪل ڪاليج ايبٽ آباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو ڪم تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خيبرپختونخواهه جي معاملن بابت اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت محدود وسيلن جي باوجود خيبرپختونخواهه حڪومت کي هر ممڪن ??دد فراهم ڪندي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي مسئلن کان پوري طرح آگاهه آهيون، اسان خيبرپختونخواهه جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهيون. نگران وزيراعظم خيبرپختونخواهه صوبي جا مالي وسيلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي هدا??ت ڪندي چيو ته هن صوبي جي عوام دهشتگردي جي خلاف لازوال قربان??ون ڏن??ون آهن. نگران وزيراعظم صوبي جا مالي مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ سيڪريٽريل ڪميٽي ٺاهڻ جي هدا??ت ڪئي جيڪا ان حوالي سان حڪمت عملي جوڙيندي. ڪميٽي نيٽ هائيڊل پرافٽس ۽ تيل ۽ گئس جي رائلٽي جي ادائيگي جي حوالي سان سفارشون جوڙيندي. ڪميٽي جي سربراهي ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري ڪندو جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ منصوبابندي وارو وفاقي سيڪريٽري، پاڻي وسيلن وارو وفاقي سيڪريٽري ۽ پيٽروليم وارو وفاقي سيڪريٽري شامل هوندا. نگران وزيراعظم خيبر ميڊيڪل ڪاليج پشاور ۽ ايوب ميڊيڪل ڪاليج ايبٽ آباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو ڪم تيز ڪرڻ جي پڻ هدا??ت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت گذريل چئن مه??نن ۾ هر شعبي ۾ سڌارا متعارف ڪرايا آهن جن جو فائدو ملڪ ۽ قوم ۽ ايندڙ چونڊيل حڪومت کي ٿيندو. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي ڊاڪٽر شمشاد اختر، توانائي واري نگران وفاقي و??ير محمد علي، قانون ۽ پاڻي وسيلن واري نگران وفاقي و??ير احمد عرفان اسلم، خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي و??ير جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين شاهه، ناڻي واري نگران صوبائي و??ير احمد رسول بنگش، نئين ضم ٿيل ضلعن بابت نگران صوبائي و??ير عامر عبدالله، ايف بي آر چيئرمين، واپڊا چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحالي لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪندي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری