اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زير مرتضيٰ سولنگي پارليامينٽ هائوس جي پريس گيلري جو دورو ڪيو ۽ صحافين مان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زير چيو ته نگران حڪ??مت آئين ۽ قانون تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪي??ن آهن. هن چيو ته صحافي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو اهم ٿنڀ آهن، صحافي معاشري جي لاءِ هڪ آئينو آهن، اهي عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪن ٿا. هن چيو ته نگران حڪ??مت اظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ جي لاءِ پڻ قدم کنيا. ان موقعي تي صحافين پريس گيلري جو دورو ڪرڻ تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زير مرتضيٰ سولنگي جا ٿورا مڃيا. هنن مرتضيٰ سولنگي جي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زير جي حيثيت سان نگران حڪ??مت جي دور ۾ ڪردار کي پڻ ساراهيو.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جو پارليامينٽ هائوس جي پريس گيلري جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت