اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) آصف علي زر??ار?? صدر مملڪت جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کائنس حلف ورتو. حلف بر??ار?? جي پروقار تقريب ٽپهري جو ايوان صدر ۾ منعقد ٿي. وزيراعظم شهباز شريف، عهدو ڇڏيندڙ صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي، اڳوڻو نگران وزيراعظم انور الحق ڪاڪڙ، پنجاب جو ??ورنر بليغ الرحمان، ڪي پي ڪي جو ??ورنر حاجي غلام محمد، سنڌ جو ??ورنر ڪامران خان ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز احمد بگٽي، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف آسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف، پاڪ فضائيه جو سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سنڌو، نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن، پرڏيهي سفارتڪارن شرڪت ڪئ??. ا?? موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو قائد محمد نواز شريف، سينيٽر اسحاق ڊار، پاڪستان پيپلزپارٽي جو ??يئرمين بلاول ڀٽو زر??ار??، اڳوڻو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، يوسف رضا گيلاني، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان، شرجيل ميمڻ، ملڪ عامر فدا پراچا، نواب جمال خان رئيساڻي سميت ٻي سياسي قيادت موجود هئي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته صدر آصف علي زر??ار?? 2008ع کان 2013ع تائين به صدر مملڪت جي عهدي تي رهي چڪو آهي.
آصف علي زرداري صدر مملڪت جي عهدي جو حلف کڻي ورتو
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن