اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاق?? وزير عطاءُ الله تارڙ قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جي چارج سنڀالي ورتي. قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن اچڻ جي موقعي تي قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي سيڪ??يٽ??ي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وفاق?? وزير عطاءُ الله تارڙ جو استقبال ڪيو. قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي سيڪ??يٽ??ي وفاق?? وزير کي قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي معاملن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاق?? وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان جي قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي ذميواري منهنجي لاءِ اعزاز ۽ اهم چئلينج آهي ۽ مون کي فخر آهي ته پاڪستان جي قومي ۽ عال??ي سطح تي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو. هن چيو ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن جي تاريخ ۽ ثقافت انتهائي سگهاري آهي، ثقافت اسان جي قو??ي سڃاڻپ جو اهم جز آهي. هن چيو ته پاڪستان مضبوط ثقافتي ورثن سان ڳنڍيل آهي. وفاق?? وزير چيو ته پاڪستان جي ثقافتي سڃاڻپ کي عال??ي سطح تي فروغ ڏينداسين. هن چيو ته اسان جي ثقافت جي اهم سُڃاڻپ ڊرامو ۽ موسيقي آهي جيڪي سڄي دنيا ۾ پنهنجي خوبصورتي ۽ جذبن جي لاءِ سڃاتا وڃن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي ثقافت، موسيقي ۽ ڊر??مي جي ذريعي ملڪ جو مثبت اميج سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪيو ويندو. وفاق?? وزير چيو ته ملڪ ۾ ثقافت ۽ فنڪار برادري جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ ڪم ڪنداسين. هن ثقافتي شعبي جي سمورين ڌرين بشمول فنڪارن، ثقافتي ادارن ۽ عوام سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي پاڪستان جي ثقافتي ورثي کي ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ بڻائڻو پوندو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪ??يٽ??ي شاهيره شاهد ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پڻ موجود هئا.
عطاءُ الله تارڙ قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جي چارج سنڀالي ورتي
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea