اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ??لڪ ۽ ملت لاءِ محترمه فاطمه جناح جي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته فاطمه جناح قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ تحريڪ پاڪستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو هڪ بهادر، بااصول ۽ مضبوط اعصابن جي مالڪ عورت هئي. گذريل ڏينهن محترمه فاطمه جناح جي 57هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مادر ملت جو ڪردار عورتن لاءِ عزم و استقامت، حوصلي ۽ رهنمائي جو ذريعو آهي. هوءَ قائداعظم محمد علي جناح جي ٻانهه ٻيلي ۽ جان ??ثار ڀيڻ هئي. هن چيو ته فاطمه جناح تحريڪ آزادي جي هر مرحلي ۾ پاڇي وانگر قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ رهي. فاطمه جناح قائداعظم محمد علي جناح وانگر باهمت، بااصول، محنتي ۽ هر ڏکئي وقت ۾ ثابت قدم رهندڙ عورت هئي. فاطمه جناح عورتن جي تحريڪ آزادي جي هر اول جٿي جي رهنما هئي. هوءَ پاڪستان جي قيام کان ??وءِ عملي سياست ۾ سرگرم رهي، اسپيڪر چيو ته هن عوام خاص ڪري عورتن جي فلاح و بهبود لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سندس ??لڪ ۽ قوم لاءِ پيش ڪيل خ??متن کي هميشه سونهري لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو.
مادر ملت جو ڪردار عورتن لاءِ عزم ۽ استقامت، حوصلي ۽ رهنمائي جو ذريعو آهي: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔